جويو دادن فقير

جويو، دادن فقير: نامـور عـوامي شـاعر دادن فقيـر جـويـو، 19 شـوال 1323هه/ 21 جولاءِ 1906ع تي تعلقي وارهه جي ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان ورتائين، ست درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم نه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي عشق لڳو، جنهن کان پوءِ شاعري ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ فقير هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ کي پنهنجو استاد ڪيائين، روحاني رهبر وري فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ کي ڪيائين.
دادن فقير هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، عوامي شاعريءَ ۾ علائقي اندر سندس ڪو ثاني نه هو. مزاحيه شاعر به حد درجي جو هو. شادي ڪا نه ڪيائين. شاعريءَ ۾ نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبتون چيون اٿس. کيس موسيقي جي به وڏي ڄاڻ هئي، ادبي محفلن ۾ ترنم سان ڳائيندو هو. آخري عمر ۾ بيماري سبب 18 آڪٽوبر 1979ع/ 26 ذوالقعد 1399هه تي راڌڻ اسٽيشن لڳ وفات ڪيائين، سندس قبر راڌڻ لڳ ’گهڙي پير قبرستان‘ ۾ آهي. سندس ڪلام، پهرين سندس هڪ مشتاق سلطان فقير سادي نموني ڇپايو هو، ان بعد روشني پبليڪيشن ڪندياري ’دادن فقير جو ڪلام‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپايو ۽ تازو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد به ’دادن فقير جو ڪلام‘ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو